بهاءُ الدين گودڙيو

بهاءُ الدين گودڙيو: صوفي منش ۽ بزرگ مخدوم بهاءُ الدين گودڙيو (دلقپوش) بن مخدوم عبدالغفور ميمڻ، هڪ اندازي مطابق، ارغونن جي ايامڪاريءَ ۾ سال 959 هه/ 1552ع ڌاري، ٺٽي جي تعلقي ميرپوربٺوري ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم مدرسن ۽ مڪتبن ۾ حاصل ڪيائين، جتي عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻولين ۽ ٻين علمن ۾ مهارت حاصل ڪيائين. شروع ۾ ٺٽي جي بزرگ سيد موسيٰ جو مريد ٿيو، ستت ئي پوءِ مخدوم نوح هالائيءَ جي عقيدت ۾ آيو. آخر ۾ وري بهاءُ الدين ذڪريا جي سلسلي طريقت کي اختيار ڪيائين. روايتن مطابق وٽس هڪ اعليٰ ڪتب خانو هوندو هو، جنهن ۾ ناياب نسخا پڻ دستياب هئا. سنڌ توڙي هند جا ڪيترائي عالم وٽانئس استفادو ڪندا هئا. پاڻ يارهن ڪتاب پڻ تصنيف ڪيائين، پر هن وقت انهن ڪتابن مان هڪ به نمونو نٿو ملي سگهي. مخدوم گودڙيو، طب ۾ به اعليٰ ڄاڻ رکندو هو، وٽس مختلف مرضن لاءِ شفاياب نسخا هئا. پنهنجي وقت جو وڏو عالم، زاهد، صوفي ۽ فقيہ ٿي گذريو آهي. سندس عادت هوندي هئي ته ڪنهن به جانور کي پنهنجي هٿ سان نه ماريندو هو. ظاهري شرعي علمن کان سواءِ جفر، تڪسير، مسخرات ۽ عمليات جو به وڏو عالم هو. 1625ع ڌاري شهزادو خورم (شاهه جهان) پنهنجي والد، سلطان جهانگير کان ناراض ٿي ٺٽي پهتو؛ تڏهن ٺٽي جي گورنر نواب شريف خان شهزادي جو سخت مقابلو ڪيو ۽ کيس ٺٽي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو. ان وقت شهزادو، شيخ بهاءُ الدين گودڙيي جي خدمت ۾ پيش پيو ۽ دعا گهرايائين. اُن ڳالهه جي ٺٽي جي بادشاهه کي خبر پئي ۽ سندس حڪم تي نواب شريف خان يڪ چشم (ڪاڻي) کيس گرفتار ڪرائي، سندس گهر کي باهه ڏياري ڇڏي، جنهن ڪري سندس سمورو ڪتب خانو سڙي رک ٿي ويو. سندس هٿ اکر ڪتابن مان فقط ”قرآن پاڪ“ جو فارسيءَ ۾، مخدوم نوح هالائيءَ جو ڪيل ترجمو وڃي بچيو، جيڪو سيد ابوبڪر لڪياريءَ لاءِ سوکڙيءَ طور اماڻي ڏنائين. اهو نسخو، ڏکڻ ايشيا جو پهريون فارسي ترجمو هو. هيءُ اهل دل ۽ اهل الله، 81 سالن جي ڄمار ۾ تاريخ 19 صفر 1073هه/ 1663ع ڌاري ٺٽي ۾ وفات ڪري ويو. کيس مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو. سندس تربت، ميان مِٺوءَ جي مزار لڳ آهي.


لفظ بهاءُ الدين گودڙيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1552.00.00  عيسوي

بهاءُ الدين گودڙيو: صوفي منش ۽ بزرگ مخدوم بهاءُ الدين گودڙيو ( دلقپوش ) بن مخدوم عبدالغفور ميمڻ ، هڪ اندازي مطابق ، ارغونن جي ايامڪاريءَ ۾ سال 959 هه/ 1552ع ڌاري ، ٺٽي جي تعلقي ميرپوربٺوري ۾ ڄائو .


1660.00.00  عيسوي

هيءُ اهل دل ۽ اهل الله ، 81 سالن جي ڄمار ۾ تاريخ 19 صفر 1073هه/ 1663ع ڌاري ٺٽي ۾ وفات ڪري ويو . کيس مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو . سندس تربت ، ميان مِٺوءَ جي مزار لڳ آهي .


1073.02.19  هجري

هيءُ اهل دل ۽ اهل الله ، 81 سالن جي ڄمار ۾ تاريخ 19 صفر 1073هه/ 1663ع ڌاري ٺٽي ۾ وفات ڪري ويو . کيس مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي دفن ڪيو ويو . سندس تربت ، ميان مِٺوءَ جي مزار لڳ آهي .



صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بقا بالله
سمون خليفو ابن اوڙاهه
شطاري
ابن العربي
پير فاضل شاهه قريشي بڪيرائي
ريحان شيخ
شاهه عنايت قادري
محمد امين
بايزيد بسطامي
سمن سرڪار
صوفي بزرگ ۽ سندن سلسلا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون